حاضر خان جو قبو

حاضر خان جو قبو: هيءُ قبو تعلقي وارهه، ضلعي قنبر-شهدادڪوٽ جي ’حمل‘ ڳوٺ کان ٻه ميل اتر طرف ’ڪچي جي ڊٻ‘ تي موجود آهي. هيءُ قبو سومرن جي دؤر حڪومت جو يادگار آهي. هن قبي ۾ ٻه قبرون موجود آهن، جن مان هڪ قبر حاضر خان جي ۽ ٻي سندس زال جي آهي. حاضر خان چانڊين جو سردار ٿي گذريو آهي، جيڪو سومرن جي دؤر جو چيو وڃي ٿو. قبو پڪين سرن سان ٺهيل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو